خوشاب نيوڪليئر ڪامپليڪس

خوشاب نيوڪليئر ڪامپليڪس

خوشاب نيوڪليئر ڪامپليڪس

خوشاب نيوڪليئر ڪامپليڪس: خوشاب نيوڪليئر ڪامپليڪس ’پلوٽينم‘ (Plutonium) يعني جوهري طاقت پيدا ڪندڙ ائٽمي ريئيڪٽر ۽ هيوي واٽر ڪامپليڪس (Heavy water complex) پنجاب جي خوشاب ضلعي جي شهر جوهرآباد جي ڏکڻ ۾ 30 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. خوشاب ضلعي ۾ ڳري پاڻي (Heavy water) ۽ فطري تابڪاري ڌاتو (Natural Uranium) ٺاهڻ جا ريئيڪٽر پلوٽينيم ۽ ٽرائٽيم پيدا ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، جيڪي ائٽمي جنگي عمل لاءِ ڪارائتا ٿين ٿا. خوشاب نيوڪليئر ڪامپليڪس بين الاقوامي ائٽمي توانائيءَ جي اداري (IAEA) جي جاچ کان آجا آهن. ٻنهي ائٽمي ريئيڪٽرن ۾ 40 ميگاواٽ کان 70-50 ميگاواٽ توانائي ٺاهڻ جي گنجائش آهي. پهرين ريئڪٽر جي منظوري 1996ع ۾ ملي، اهو پاڪستان جو پهريون ديسي ائٽمي ريئيڪٽر هو. ان جي تعمير جو ڪم 1986ع ڌاري ’پاڪستان ائٽامڪ انرجي ڪميشن‘ جي چيئرمئن منير احمد خان شروع ڪرايو. هن پاڪستان جي ائٽمي انجنيئر سلطان برهان دين محمود کي ان ڪم جي ذميواري ڏئي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو. ٻئي ائٽمي ريئيڪٽر تي ڪم 02-2001ع ڌاري ٿيو. فيبروري 2010ع ۾ پاڪستان جي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ ۽ ڪجهه اهم سينئر آفيسرن خوشاب ڪامپليڪس جي مڪمل ٿيڻ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. خوشاب سائيٽ جي ٽئين ۽ چوٿين ريئيڪٽر جو ڪم به جاري آهي.


لفظ خوشاب نيوڪليئر ڪامپليڪسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو